دل وارن جي دنيا

دل وارن جي دنيا

دل وارن جي دنيا

دل وارن جي دنيا (ڪتاب): هي ڪتاب نامور ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن کي يوسف سنڌيءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ سندس اهي ڪهاڻيون شامل آهن، جيڪي ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيون هيون. ڪتاب جي ارپنا ملڪ آگاڻي، واجد، ڊاڪٽر شمس سومري ۽ سيد اڪبر جي نالي ٿيل آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ اصلوڪيون ڪهاڻيون، ٻئي ڀاڱي ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ يادگيريون ڏنيون ويون آهن. رنگين ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 269 صفحا آهن. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 2000ع ۾ ڇپايو آهي. هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو